شاهه جو رسالو

Tuesday, 23 October 2018

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج ڊاڪٽر شازيه سفير (Dr.Shazia Safeer)

ڊاڪٽر شازيه سفير

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج
          هيءَ ڪائنات مخالف قوتن تي مشتمل آهي ۽ شايد ان ڪري ئي توازن ۾ آهي. ڪُل ڪائنات سان گڏ هڪ انسان جي ننڍڙي ڪائنات ۾ به اها ساڳي رنگا رنگي نظر اچي ٿي، سندس جذبن، احساسن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي نه ٿي هجي. ڪڏهن من ماڪوڙي آهي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن! جتي اميد آهي اُتي اناميد نه آهي، محبت، نفرت، ڪاميابي ناڪامي سڀ هر ماڻهوءَ جا تجربا آهن. ساڳي وقت خوشي ۽ غم يا ڏک ۽ سُک به زندگيءَ سان وابسته آهن. درد ڇا آهي؟
تجربا آهن. نفسيات جي ماهرن ان کي اڻ وڻ وڻندڙ احساس چيو آهي جيڪو جسماني به هوندو آهي ته جذباتي به بهرحال درد حقيقت آهي، ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ جو رويو هر ڪنهن جو مختلف هوندو آهي. ڪي ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن ته ڪي وري لوڪان لڪي پيا سهندا آهن. اهو ته عام ماڻهن جو درد جو مقابلو ڪرڻ جو طريقه ڪار آهي، پر دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن ۽ اديبن به ان حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن، ڪن ”سر وم دکم دکم“ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪن زندگيءَ کي سزا ڪوٺيو آهي، ته ڪن لاءِ وري ڏک سکن جي سونهن آهن، اسان جو ڀٽ ڌڻي اميد جو شاعر آهي. سندس اک خوبصورت آهي جيڪا حُسن ئي حُسن پئي پسي، سندس لاءِ راڻو ئي راڻو آهي. ريءَ راڻي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هو اسان کي درد ۾ پريشان يا مايوس ٿيڻ بدران ان جي دوا ڪرڻ سيکاري پيو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ_ د: 2)

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟ غلام رسول چانڊيو (Ghulam Rasool Chandio)

غلام رسول چانڊيو

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سمورو ڪلام سون آھي، جنھن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اھڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آھي جو جيڪڏھن ان تي عمل ڪجي ته ھوند ھي دنيا حسين بڻجي پوي، پر بدقسمتي سان اسان لطيف سائينءَ کي ”ڏکيو“ چئي جڏھن پڙھڻ کان ئي پري آھيون ته پوءِ لطيف سائين کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته ماڳھين ڏکي ڳالهھ ٿي وئي. اھڙي صورتحال جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اڄ اسان جنھن سماجي حالت تي بيٺل آھيون، اھا انتھائي شعوري ڏڪار جو شڪار آھي ۽ ظاھر آھي ته جنھن سماج ۾ شعور جو ڏڪار ھجي ته پوءِ ان سماج جا ٻيا پاسا به ابتريءَ جو ڏيک ڏيندا ۽ اھو سچ آھي ته اسان پنھنجي جُملي معنائن ۾ تنزليءَ طرف وڌي رھيا آھيون.
لطيف سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آھي، اھو مختلف ڌارائن ۾ ٿيو آھي. ظاھر آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀٽائي صاحب جو اصل سچ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ ھر ڪنھن لطيف سائين کي پنھنجي تناظر ۾ ڏٺو آھي يا وري پنھنجون طاويلون ۽ معنائون ڏئي محدود ڪرڻ يا ڪنھن خاص ڌارا ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جو پنھنجو اصل سچ ماڻھن تائين نه پھچڻ جي ڪري،  ڀٽائي صاحب عقيدن تائين محدود رھجي ويو آھي ۽ ھر ڪنھن ان کي پنھنجي مقصد لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي جو اسان وٽ تحقيق جا جديد رجحان اڃان پيدا نه ٿي سگھيا آھن ۽ ٻيو ته سماجي سائنس جي علمن ۾ اسان تحقيق جي سلسلي ۾ غيرجانبدار ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آھيون، جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي جو لطيف سائين يا ته اسان وٽ انقلابي اڳواڻ آھي يا وري ڪنھن خاص مذھبي ڌارا جو ترجمان شاعر بڻيل آھي ۽ ان صورت ۾ اسان جي سماج تمام گھڻو نه رڳي ڀوڳيو آھي، پر لطيف سائين جي سلسلي ۾ گھڻن مونجھارن جو شڪار ھوندي، ماڳھين ڀٽائي کان پري ٿيندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ سماجي سطح تي اسان ھڪ خوفناڪ شعوري ڏڪار جي ور چڙھي ويا آھيون

ڪوڙين ڪايائون ـــ ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ارشاد ڪاغذي
 ڪوڙين ڪايائون


ڪوڙين ڪايائُون تنهنجون، لِکَن لَکَ هَزار... ( شاه لطيف)
شاهه لطيف (جنم: 1102 هجري بمطابق1689ع ــ وفات: 14 صفر 1165 هجري بمطابق 1752ع) سنڌ جو سدا حيات شاعر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ترجمان ۽ ڪامل رهبر آهي. شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ جا ڏس ۽ پيار جو پيغام ڏيئي سنڌين کي اڳواٽ ئي تيار ڪيو هو ۽ سوين سال گذرڻ بعد بـ شاه جو سنيهو سچائي، سونهـ جو ساکي ۽ امين آهي. شاه لطيف پنهنجي دور ۽ سنڌي سماج کان بغاوت ڪئي، ان جو مطلب هي آهي تـ ڏاها ۽ انقلابي  پنهنجي سماج سان بغاوت ڪندا آهن ۽ مروج چالو ريتن رسمن جي خلاف باغي بنجي لوڪ کان الڳ پنهنجي واٽ اختيار ڪري سماج ۽ عوام  جي ذهن  ۾ نئون روح ۽ ساه ڦوڪي مئل، مرڻينگ ۽ ويساه وسوڙيل دل، ذهن، ضمير ۾ نئين توانائي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا رهندا آهن.
اکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عام سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وهُ اوڀارِ؛
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
لطيف سائين بـ اهڙو ڪم ۽ ڪرت ڪيو ۽ اک الٽي ڌاري سموري سنڌي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي، ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ رواجن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪمر ڪشي هڪ اهڙي واٽ ورتي جيڪا اڳ مروج ڪانـ هئي. مسڪين، پورهيت پنهوارن، ماروئڙن، جانگيئڙن ۽ سانگيڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ عوام دوست جي روپ ۾ ظاهر ۽ نروار ٿيو، نـ فقط سماج کي بدلائڻ جو گس ڏنو پر ان جي خلاف جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ توڙ تائين ويڙه ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو. اهڙيءَ ريت شاه لطيف سنڌي سماج ۾ نئون ساه وڌو. شاه لطيف املهـ ۽ بي بدل شخصيت ۽ تاريخ جو ست ۽ عرق ۽ نچوڙ آهي. اهڙن مهان ماڻهن جي ساٿ، سنگت، صحبت ۽ اڳواڻي جي ڪري انقلاب جا رستا ۽ راهون روشن ٿيو وڃن.

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ ـــــ رضوان گل (Rizwan Gul)

رضوان گل



شاهه لطيف جي ڪلام ۾
جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ

شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام مختلف علمن جو ڀنڊار آهي، ڀٽائي جي رسالي ۾ جتي ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا اتي سندس شاعريءَ مان ڪيترائي اهڙا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن جو تعلق سائنس جي مختلف علمن ۽ ان جي شاخن (Branches) سان سڌي يا اڻ سڌي ريت ضرور ملندو. هتي سائنس جي صرف هڪ شعبي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل بيتن جو ذڪر ڪجي ٿو. جيتوڻيڪ شاهه سائين ڪو سائنسي علمن جو ڄاڻو يا طالبِ علم نه هو پر ان هوندي به سندس مشاهداتي اک جو اهو ڪمال آهي جو هن ڪائنات جي اسرارن کان وٺي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ تائين ڪيترن ئي موضوعن کي بلڪل ان ئي ريت بيان ڪيو آهي جيئن انهن جو سائنسي تصور پيش ڪيل آهي. اهو محض اتفاق به نه چئبو ڇاڪاڻ ته ڀٽائي زميني خدو خال جي بيهڪ (Topographical Features) ۽ پاڻيءَ واري حصي (Hydrosphere) کان ويندي سنڌ جي جن جاگرافيائي خطن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪيو آهي سو ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا تصور جو ڪمال نه آهي پر اهو سندس ڳوڙهي مشاهدي ۽ عملي جاکوڙ جو نتيجو آهي.

ڀٽائي جي رسالي مان انيڪ بيت پڙهي اسانکي شاهه سائين جي علم جاگرافيءَ سان فطري شناسائي ۽ ويجھڙائي جو اندازو ٿي سگھندو. هن مقالي ۾ شاهه سائين جي اهڙن بيتن کي حوالي طور پيش ڪري رهيو آهيان جن ۾ مختلف جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر آهي. جن ۾ ماڳ مَڪان، مختلف جاگرافيائي مرحلا، الڳ الڳ وِٿون ۽ ڌاتو وغيره شامل آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي انهن ۽ اهڙين شين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو آهي ته ڪٿي وري انهن جاين ۽ وِٿن جو صرف نالو کنئيون آهي.

جاگرافي تمام وسيع علم آهي جنهن ۾ ڪائنات، نظامِ شمسي، گرهه، سج، چنڊ ۽ تارن کان ويندي جبلن، ميدانن، ڍنڍن، درياهن، ٻوٽن، گاهن، جانورن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ آبهوا وغيره جھڙا انيڪ موضوع اچي وڃن ٿا جن جو ذڪر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هن مقالي ۾ مثال طور صرف چند بيت ئي پيش ڪيل آهن، جن مان اسان کي اهو اندازو چڱيءَ ريت ٿي سگھندو ته ڀٽائي جاگرافي جي موضوعن بابت بنيادي ڄاڻ رکندڙ شخص به هيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته هن پنهنجي حياتي جا ڪيئي قيمتي سال سيلاني طور سير سفر ۾ گذاريا ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ کي اکين پسيو. هن مقالي ۾ مون شاهه جي ڪلام منجھان جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ علامتن کي اجسامِ فلڪي، سنڌ جي طبعي جاگرافي، ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر، درياهن ۽ واهن جو ذڪر، درياهن جي جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر، ڍنڍن جو ذڪر، ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر وارن عنوانن ۾ظاهر ڪيو آهي.

Saturday, 6 October 2018

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ ــــ فقير حاجن نظاماڻي



فقير حاجن نظاماڻي

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ



شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين ٿا ته.
ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون نه کاءِ
جي ڏمرجي ڏنگ هڻي جهاڙو ڌلي نه جاءِ
مادر تنهن مٿاءِ هڻي هٿ ڳلن کي
ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
لطيف سائين جن جانور جي جبلت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو آهي.
کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو لِڏ ۾

Friday, 5 October 2018

سُر بسنت جو فلسفو ـــ استاد لغاري Ustad Lighari

استاد لغاري

سُر بسنت جو فلسفو


”بسنت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”بهار جي موسم“ يا ”گُلابي رُت“. هي شاھ جي رسالي جو تر و تازه ۽ گل و گلزار سُر آهي، جنهن ۾ کٽڻهار کڙڻ ۽ ڳوريءَ پاران ڳهڻا پائي، سورنهن سينگار ڪرڻ جو سمو سمايل آهي. اُن کان علاوه انگورين ۽ ڪيتڪين جو ڪرھ ڪڍڻ، اوڀڙ جو اُڀرڻ، اوڌاڻ جو اُڌمڻ، باغن پاران بوند مڪڻ، ڀئونرن جو ڀنڀولجڻ، ڀئونر جو وڻن ۾ واس وٺڻ، ٽارڙين جو موڙ ٻڌي مورجڻ، پُراڻن پنن جو ڇڻي پٽ پوڻ، رسيليءَ رُت جو رسڻ، سڄڻن جو ٻانهُن ۾ ٻکجڻ، سُڪن جو سائو ٿيڻ، ڦڳڻ ماھ ڦلارجڻ، کٿوريءَ خوشبوءِ ٿيڻ، گئونچن جو گلارجڻ، لال گلن جو لالائجڻ، محبن جو مڙڻ، وڻن مٿي چهن ۽ چوٽين جو چمڪڻ جهڙا، روح کي راحت ۽ من کي معطر ڪرڻ وارا مذڪور محفوظ ٿيل آهن. هن سُر جي مکيه موضوع ۾ لکيل آهي ته ”رُتيون ته سڀيئي سهڻيون ۽ ڀليون آهن، پر بسنت جي برابر ڪا ئي رُت ڪانهي. جيڪي وڻ پاري ۽ سِيءُ صفا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي مٿان گل ڦٽي نڪتا آهن. کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي ۽ اچي ڀئونر ڀريا آهن. ”ڏتو“ چوي ٿو ته مون کي محب اچي مليا آهن، هاڻي منهنجا سمورا ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويا آهن“.
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو صحيح نالو ”بسنت“ آهي. هي سُر گھڻي عرصي کان وٺي، شاھ جي راڳ ۾ ڪو نه ٿو ڳائجي، البت ”سنڌي بسنت راڳني“ ۾، ڪي ڪافيون ڳائجن ٿيون.
”بسنت“ شاھ جي رسالي جو 36 هون نمبر ۽ آخري سُر آهي، جنهن ۾ 16 بيت، هڪ وائي ۽ هڪ داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت ”آئي رُت بسنت ڪي، کِڙيا کٽڻهار“ ۽ آخري وائي ”اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون! الله اُميدون پُڄايم ايڏيون!“ آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
آئي رُت بسنت ڪِي، کِڙيا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري! ويس ڪر، آئي بسنت بهار.

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال ـــ اعجاز ممنائي Aijaz Mamnai







اعجاز ممنائي

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال



شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي نگاهه وسيع، سندس لب و لھجو ماکيءَ کان به مٺو ۽ سندس منظر نگاري حيران ڪندڙ آھي. توڙي جو سندس شاعري روحاني راز سان سلھاڙيل آھي پر ھر ڪو ان کي پنھنجي اندر جو آواز سمجھي ٿو، اھا ئي فطرتي شاعر جي خوبي ھوندي آھي ته ھو ڪائنات جي ھر منظر ۽ ھر شيءِ تي نظر رکندڙ ھوندو آھي. ائين شاهه سائينءَ اُٺ جھڙي ڊگهي ۽ بيڊولي جانور کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻي وڏو ڪمال ڪيو آھي. اٺ جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آھن جن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي وڪونا جي ڪُل ڊيگهه ۱.۵ يعني پنج فوٽ، لاما جي ڪُل ڊيگهه ھڪ کان ۲.۱ ميٽر يعني ۳ کان ست فوٽ ٿئي ٿي، انھن جنسن کي ٿوھا ڪونه ٿا ٿين، البته باختري اُٺ کي ٻه ٿوھا ٿيندا آھن. ھن وقت ھيءُ دنيا ۾ واحد اُٺ آھي، جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوھن وارو اُٺ سڀ کان پھرين ۳۵۰۰ سال اڳ پاليو ويو ھو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آھن ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آھن. ھڪ ٿوھي وارو اُٺ ھندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ بلوچستان ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اُٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اُٺ جيڪو چوپايو جانور آھي، ھيءُ عام طور سواريءَ لاءِ ڪارائتو ھجي ٿو، خاص طور وارياسن علائقن ۾ اُٺ کي استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھنڪري کيس “خشڪيءَ جو ٻيڙو” به انکي چئبو آھي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ۲۰۰ کان ۵۰۰ تائين جا وڳ نظر ايندا. لطيف سرڪار اُٺ جي خامين ۽ خوبين کي گڏائي تمام سھڻو ۽ ڪارائتو نتيجو ڪڍيو آھي ۽ انکي سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني) کان سواءِ سُر مومل راڻو، سر مارئي، سر کنڀات ۽ سر رپ ۾ پڻ تذڪرو ڪيو آھي. ان کان به وڏو ڪمال اھو آھي ته انھن سڀني سُرن ۾ اُٺ کي مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي، جيئن اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.
شاهه سائينءَ اٺ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آھي. سُر کنڀات ۾ ان ساڳئي اُٺ کي نفس طور استعمال ڪيو آھي، جيئن مولانا روم فرمايو
نفس ڪشي باز رسي اعتذار
ڪس ترا دشمن نماند در ديار
يعني تو نفس ماريو ته گهڻن عذرن کان ڇٽي پوندين ۽ ٻيو ڪو تنھنجو دشمن نه رھندو.

Thursday, 2 November 2017

لطيف انسانيت جو شاعر ـــ واحد پارس هيسباڻي (WAHID PARAS HEESBANI)

واحد پارس هيسباڻي

 لطيف انسانيت جو شاعر

هن تنگ نظري، مفادپرستي، نفسانفسي واري دور ۾ اسين جڏهن لطيف سائين جي شاعري پڙهون ٿا ته ان ۾ انهن سمورين خرابين ۽ منافقتن جو رد ملي ٿو. لطيف اسان جي اڳيان انسانيت جي شاعر جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو، جنهن وٽ صرف ۽ صرف پيار جي ٻولي آهي، هن وٽ صرف ۽ صرف ڳنڍڻ جي ڳالهه آهي، ڪٿي به ڇنڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
هو نهائين کان نينهن سکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
نهائينءَ کان نينهن سک منجهان سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ڀٽائي پوري رسالي ۾ انسانيت سان پيار جي ڳالهه ڪري ٿو. هي جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻي ٿو ته سنڌ سان گڏ پوري عالم لاءِ دعا ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس عالمي سطح جي شاعر واري صورت ۾ سامهون آڻي ٿي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جي شاعري ۾ ڪٿي به تنگ نظري جو هڪ اکر به نظر نه ٿو اچي بلڪه هن جي سٽ سٽ تنگ نظري کي نندي ٿي. ان کان وڌيڪ سندس ڪشاده دلي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته سهڻي سندس سورمي آهي، جنهن کي هن دل کولي داد ڏنو آهي، اها سورمي جيڪا پاڻ واري سماج جي ريتن رسمن کي ٽوڙي درياهه پار ڪري پنهنجي محبوب سان ملي ٿي.
سياري سه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلون ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
هو نه رڳو سهڻي جي جرئت ۽ همت کي ڳائي ٿو، سندس سچي پيار کي سلام پيش ڪري ٿو، پر ان درياهه تي قيامت جي ڏينهن دانهڻ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو، جنهن سهڻي کي ٻوڙيو.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪئين ٻوڙي سهڻي؟ ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي

ڀٽائي جي تصوراتي سگهه! ـــ شبنم گل (SHABNAM GUL)

شبنم گل

ڀٽائي جي تصوراتي سگهه!
 
           شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ حواس خمسه جي بهترين مشاهدن تي مشتمل زندگي ۽ سنسار جو ڳوڙهو اظهار آهي، فن ۽ فڪر جون مختلف صورتون لاشعور جي وسيع دنيا جو عڪس آهن. اها دنيا مخفي، پراسرار ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪندڙ آهي. تصوف جي حوالي سان روحانيت جو مظهر پڻ، شعوري سطح تي ٿيندڙ ڄاڻ، مشاهدو ۽ تجربو آهي. اهڙي مشاهدي لاءِ ضروري آهي ته جسم، ذهن ۽ روح ۾ ويجهڙائي هجي. ان خيال کي ڀٽائي پنهنجي مختلف شعرن ۾ ورجائي ٿو. اخلاقي فلسفي جا ماهر جوزف بٽلر ۽ جي اي مور جي خيال مطابق سوچ جو صحيح رخ، خاص انساني اخلاقي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿو. سندن خيال آهي ته مشاهداتي سگهه ئي وجداني ۽ منطقي اصولن جو مجموعو آهي، جنهن لاءِ ذاتي تجزيو ۽ خالص پرک جو معيار گهربل آهي. ساڳئي نموني ڪانٽ مطابق ڄاڻ کي وجداني ڪيفيت وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. ان خيال جي ڀرپور ترجماني شاهه سائين جي هن شعر ۾ بيان ٿيل آهي.
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

اندر جو اجارڻ هڪ واجداني ڪيفيت آهي. وجدان جو مطلب اهو آهي ته اڳواٽ شين جي حقيقت جي پروڙ پئجي وڃي، يا ماڻهوءَ کي اڳواٽ مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن جو علم ٿئي. اها علم ۽ عمل جي هڪجڙائي آهي. علم کي عمل جي پهچ گهرجي، جنهن لاءِ علم کي صحيح نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي. جديد نفسيات ۽ مابعداز نفسيات جو بنياد پڻ ان سوچ تي ٻڌل آهي. Intuition يا وجدان خوابن جو هڪ اهم حصو ٿئي ٿو، انهن خوابن جي ترجماني جديد نفسيات بخوبي ڪئي آهي. مثال البرٽ آئنسٽائن پنهنجي جڳ مشهور ٿيوري آف ريليٽوٽي کي ننڍپڻ جي خواب سان منسوب ڪري ٿو. اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن هو رياضيءَ جي مضمون ۾ فيل ٿيو هو، ۽ سندس والدين کيس پلمبر جو ڪم سکڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. اهو دور آئنسٽائن لاءِ ڏکيو هو، انهن ڏينهن ۾ هن خواب ڏٺو ته هو ۽ سندس دوست رات جو برف سان ڍڪيل پهاڙ تي ترڪي رهيا هئا، وري مٿي چڙهي هيٺ لهڻ لڳا. ان مهل کيس اندازو ٿيو ته سندن رفتار روشنيءَ جي رفتار کان تيز ٿيندي پئي وڃي. ان گهڙيءَ هن مٿي نهاريو، جتي ستارا مختلف رنگن ۾ ويڙهيل هئا، جيڪي کيس اڳي ڪڏهن به نظر نه آيا. آئنسٽائن جو چوڻ آهي ته ”منهنجو سمورو سائنسي ڪيريئر ان خواب جو ثمر آهي، جنهن تي مان مستقل غور و فڪر ڪندو رهيس.“ جديد نفسيات جي باني ماهرن فرائڊ، ڪارل يونگ، جيمز هلمين ۽ ميڊراڊ باس ان ڏس ۾ وجداني خوابن تي اهم ڪم ڪيو آهي. مثال طور ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پاڻيءَ جو ذڪر جابجا ٿيل آهي، اهي درياهه يا سمنڊ پنهنجي وسعت ۾ گهري تمثيلي معنيٰ رکن ٿا.

Tuesday, 31 October 2017

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر ـــ سُجاڳي ..... ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 
سُجاڳي
قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اعلى مثبت سماجي قدرن کي جيئارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ منفي سماجي قدرن کي ننديو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي داستان چونڊيا آهن، سي سمورا سنڌي سماج سان تعلق رکن ٿا، انهن داستانن جا ڪي ڪردار هيڻا آهن ته ڪي سگهارا ۽ انهن سمورن ڪردارن وسيلي شاھ سائين طبقاتي نظام توڙي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي واضح ڪيو آهي.
سُجاڳي هڪ مثبت سماجي قدر آهي. جن سماجن ۾ اهو قدر رائج هوندو آهي انهن تي ڪي ڌاريون ۽ غاصب قومون حمله آور ۽ حاوي ٿي نه سگھنديون آهن. بيدار قوم هميشه دشمن جي وارَ کان بچيل رهندي آهي. ان سُجاڳي ۽ بيداري سبب سماج ۾ شعور جون ڏياٽيون روشن ٿينديون آهن. غفلت، سستي ۽ ڪاهلي سماج کي اڏوهي وانگر انداران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بيداري، حوصلي ۽ ولولي جو نالو آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ سُجاڳي هڪ اهم قدر آهي. ڀٽائي جي شاعري ان اعلى قدر سان ڀريل آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ ان قدر کي ڪٿي انفرادي طور ته ڪٿي وري اجتماعي حوالي سان اجاگر ڪيو آهي. شاهه پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي ڏسندي ان قدر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اڀاريو آهي. اهو ستل قوم کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جو وقت هيو، نڀاڳي ننڊ کي نيڻن مان اکيڙڻ جي ويل هئي ۽ سستي ۽ ڪاهلي کي پاڙان پٽڻ جا پل هيا. اهي غفلت جو گھيرو ٽوڙڻ جا لمحا هيا. تنهن ڪري لطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾ سجاڳي ۽ بيداري جو درس ڏئي ٿو. اهوئي درس ۽ اهو ئي پيغام ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي ظاهر ڪري ٿو. ”لطيف ستلن کي جھنجھوڙي جاڳائي ٿو ۽ ڪانئرن، سُستن، ٿڪلن ۽ ننڊ ــ نهوڙيلن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. کين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ جو تاڪيد ٿو ڪري، جنهن ۾ رتيءَ ماتر به غفلت برداشت نٿو ڪري.“ (4) ”شاهه لطيف وٽ سُجاڳيءَ جو وڏو درجو آهي. سماجي تبديلين آڻڻ ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي آهي. شاهه لطيف فقط انهن کي ئي دوست ٿو سمجھي، جيڪي جوانيءَ جون راتيون به جاڳي گذارين ٿا.“ (5) سجاڳي جي سنيهي جي حوالي سان شاهه جو سُر سريراڳ، سُر ڪوهياري، سُر کاهوڙي، سُر رامڪلي ۽ سُر ڏهر خاص اهميت جا حامل آهن.
سُر سريراڳ شاهه جو پاڻيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جا احوال آهن. وڻجارن جي مصيبتن جو مذڪور آهي. ڀٽائي هن سُرَ جي پس منظر ۾ سماج جي ان طبقي کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي مٿان سُستي ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻي پنهنجي آس پاس جي سمورن خطرن کان بي خبر بڻجي سُتو پيو آهي. اهو طبقو يا ته ڊنل آهي يا وري ڪمزور. اهڙا ڪاهل ۽ ڪمزور انسان سماج جي خرابين کي ختم نه ٿا ڪري سگھن.