شاهه جو رسالو

Tuesday, 15 October 2019

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر .... مقبول احمد ڀٽي (Maqbool Ahmed Bhatti)


مقبول احمد ڀٽي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر


شاعر فطرت:

گل جي خوشبوءِ، چنڊ جي چانڊوڪي، ساز جو دلنواز آواز، انڊلٺ جي روح پرور رنگيني، عطر جي دلپذير هٻڪار جيئن ازخود پنهنجو پاڻ مهڪائي، حسن ازل جو جوهر جرڪائيندي آهي ۽ ان جي خوبيءَ لاءِ ڪنهن به دليل يا بيان جي ضرورت نه ٿيندي آهي، تيئن هڪ حقيقي شاعر جي اثر پذيري ۽ هر دلعزيزيءَ جي ثبوت لاءِ پڻ ڪنهن وڪالت جي ضرورت نه آهي. شاعر فطرت کي صانع قدرت طرفان سچ ۽ حق جي پرک جو هڪ اهڙو ملڪوتي ملڪو، تخليقي صلاحيت ۽ اصلاحي قوت وديعت ٿيل هوندي آهي، جو هو ماحول کان متاثر ٿيڻ بجاءِ، زماني تي اثر انداز ٿي، انسانيت جي فلاح ۽ عام طور ۽ پنهنجي سماج جي سڌاري لاءِ پنهنجو مخصوص ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن. سندن زندگيءَ جو هر لمحو ۽ زبان مان نڪتل هر لفظ انهيءَ منزل ڏانهن هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو آهي. دنيا جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته هر دور جي خوشگوار تبديلي ۽ انقلابي اصلاح ڪنهن اهڙي ئي شاعر فطرت جي وجود مسعود جي مرهون منت هوندي آهي.

شاهه جي عالمي حيثيت

سيد الشعراءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙن ئي عالمي شاعرن جي سٿ مان هڪ هو، جي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، ملڪي حد بندين ۽ قوميتن جي سرحدن کان گهڻو پري، بني نوع انسان جي بهبوديءَ جا علمبردار مڃيا ويا آهن. سندن ابدي ۽ ازلي پيغام، هر دور لاءِ پيغام حيات هوندو آهي.
شاهه جي شاعريءَ کي پوريءَ ريت پڙهي پروڙڻ کان سواءِ جيئن کيس سمجهڻ جو حق آهي، سندس سهڻي سٽاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ محال آهي. شاهه صاحب جنهن خلوص ۽ سچائي، سادگي ۽ سلاست سان انساني فطرت جا نرالا رنگ روپ نروار ڪري ڏيکاريا آهن جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ ارادن، حسرتن ۽ تمنائن، اميدن ۽ آسرن، خطرن ۽ خدشن، شڪن ۽ گمانن، ڏکن ۽ سکن جي اثرائتي انداز سان عڪاسي ڪئي آهي، ان ۾ هڪ فنڪار جو فن، هڪ عالم جو علم، هڪ مدبر ۽ هڪ مفڪر جو فڪر مليل جُليل معلوم ٿئي ٿو.

غير رواجي شاعرانه فطرت:
شاهه صاحب جي شاعري، شاعرانه تعلي، تصنع، تڪلف، خود ثنائي ۽ هر قسم جي نقاليءَ کان پاڪ، اهڙي اصلي احساس جي ترجماني ڪندڙ آهي، جا لفظن جي لطيف ڀڃ گهڙَ جون باريڪ منزلون طئي ڪري، مخاطب جي جذبات سان بلڪل ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. سندس اندروني ذهانت ۽ سنجيدگي، گهرائي ۽ ماٺائي، ڪٿي عميق بحر، ته ڪٿي پهاڙي نديءَ جي روان دوان ۽ تيز تر ڇر جيان ڇلڪندي نظر چڙهي ٿي.
امراء القيس جي رزم آرائي، انوريءَ جي بزم سنجي، متنبيءَ جي معنيٰ خيزي، عرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، سنائيءَ جي پندو نصيحت، روميءَ جي رواني، سعدي جي سادگي ۽ سلاست، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽيگور جي مدبرانه سنجيدگي، شاهه جي شعر جي هر سٽ مان جهاتيون پائي جهلڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور ...... محمد عمر چنڊ (Muhammad Umar Chand)


محمد عمر چنڊ

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور

جيڪڏهن اڳيون زمانو هجي ها ته آئون سنئون سڌو عشق مجازيءَ جي تصور کان آڻي عشق حقيقيءَ تائين جذباتي روايتي دليلن سان مقالي کي کڻي پورو ڪيان ها. پر اڄ هڪ ذميدار نقاد جي لاءِ علمي توضيح ۽ حقيقت پسندي ناگزير آهن. انهيءَ ڪري ڊپ اٿم ته متان ڪنهن ذاتي غلط تصور جي بناءِ تي غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي، شاهه صاحب جي روح اقدس يا سامعين ڪرام جي دل آزاري ڪريان. بهرحال بقول رومي:

زانکه دل جوهر بود گفتي عرض،
پس طفيل آمد عرض جوهر غرض.

عشق جو جيتوڻيڪ سڀڪنهن شاعر وٽ آراڌو تصور هوندو پر بهر صورت ان جي اصليت وري به هڪ ئي آهي. اهو بقول سگمنڊ فرائڊ، جنسي جذبي کان شروع ٿي، سڄي نوع انسان جي حياتيءَ تائين ترقي ڪندو ٿو وڃي. اڄ خود طبعيات به عشق ۽ نفرت کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي. طبعيات جي آڏو سڄي ڪائنات جو نظام Attraction and Repulsion تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن ڪو به سيارو يا ستارو انهن ڪشش جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ته سندس وجود انهيءَ پل ۾ ختم ٿي ويندو. مرحوم خليفي عبدالحڪيم ”فڪر اقبال“ ۾ ابن عربيءَ جي ڪتاب ”حڪمت الاشراق“ تان نقل ڪيو آهي ته ”هر بلند نور کي هيٺئين نور تي غلبو ۽ اقتدار حاصل آهي ۽ هيٺيون نور مٿئين نور سان محبت ٿو رکي ۽ گويا سندس وصل جو خواهان آهي ۽ انهيءَ قهر و مهر Attraction and Repulsion سان نظام عالم جو وجود قائم آهي. هر قسم جي حقيقي ترقي عشق جي ئي بدولت ٿي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته مطلوب، طالب کان ارفع هجي. ڇو ته عشق حقيقيءَ جو رجحان هميشه ڪمال ڏي هوندو آهي. پر پرينديئي عشق حقيقي جو تصور ڪرڻ بي معنيٰ آهي. ابتداءَ جي لاءِ ضروري آهي ته مطلوب متشڪل هجي. متشڪل شيءِ جو حسن ئي انسان جي دل ۾ لاڪس محبت ٿو پيدا ڪري. انهيءَ ڪري هو عشق حقيقي توڙي حوس پرستي جنس کان شروع ٿي ٿئي. اهري عشق کي صوفيانه اصطلاح ۾ عشق مجازي چئبو آهي. اهو رڳو شاهه صاحب تي ٻڌل ڪونهي پر هڪ فنڪار، شاعر، صوفي توري فلسفي عشق مجازيءَ جي منزل مان ٿو لنگهي.
نفسياتي نقطي نگاهه سان ڪا عادت جيڪڏهن ناخوشگوار آهي يا جي ڪنهن خواهش جي تڪميل جي آس نٿي رهي ته اها عادت يا خواهش پنهنجي آسودگيءَ لاءِ نيٺ هڪڙو نئون رستو کڻي سفر ڪندي. جيئن پاڻيءَ جي وهڪ آڏو جيڪا رنڊڪ اچي وئي ته هو پنهنجو وهڪرو ٻئي پاسي بدلائي پنهنجي وهڪ جو سلسلو جاري رکندو. انهيءَ کي نفسيات ۾ انتقال چئبو آهي. عشق، جيئن مٿي ٻڌايو ويو. مجاز کان شروع ٿئي ٿو. پر جڏهن سندس جنسياتي خواهش جي تڪميل نٿي ٿئي ته هو پنهنجو رستو بدلايو وجهي ۽ عشق حقيقي ڏي لاڙو ٿيو پويس. پهريائين پهريائين اهو انتقال منهنجي خيال موجب، رڳو ”انا“ جي تسڪين لاءِ هوندو آهي. پر پوءِ وجدان ۽ عشق حقيقيءَ ۾ بدلجو وڃي.
انهيءَ ساڳئي انتقال جي مسئلي جي وضاحت لاءِ اسان وٽ فلسفيانه دليل اهو آهي ته ”خداوند رب العزت هر شيءِ کان زياده خوبصورت ۽ مڪمل آهي ۽ چئني پاسي کيس پنهنجو ئي ڪمال ٿو نظر اچي“. انهيءَ ڪري هو عاشق به پاڻ آهي ته معشوق به پاڻ، جيئن شاهه صاحب فرمايو:

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ ..... ڊاڪٽر شير مهراڻي Dr. Sher Mehrani


ڊاڪٽر شير  مهراڻي


شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ


سونهن ڪائنات جو اهو عظيم مظهرآهي، جنهن ۾ جهان جون سموريون وسعتون سمايل آهن. حسن پنهنجي پيڪر ۽ نمونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ڪن ڏاهن حسن کي حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حسن کي خير، نيڪي، سچائي ۽ ڀلائي سان تعبير ڪيو آهي. ڪجھ دانشور حسن کي معروضي سمجھن ٿا ته ڪن جو خيال آهي ته حسن موضوعي آهي. ڪي وري حسن ۽ سونهن کي موضوعيت Subjectiveity ۽ معروضيت Objectivity جو حسين ميلاپ سمجهن ٿا. داخليت ۽ خارجيت ۾ حسن جي موجودگي پڻ بحث هيٺ رهي آهي.
بحرحال حسن جي علم يعني جماليات کي ڪا به هڪ يا گڏيل طور تي تسليم ڪيل تشريح ڏيڻ کان اڄ تائين سڀ ڏاها قاصر آهن. ڇو ته جماليات هڪ اهڙو همه گير موضوع آهي، جنهن جون سرحدون مقرر ڪرڻ خود جماليات جي عالمن ۽ ڏاهن لاءِ هڪ چيلينج کان گهٽ ناهي. مختصر طور تي سونهن جي فيلسوفياڻي اڀياس کي جماليات چئي سگهجي ٿو.
سونهن جو تصور هر دور ۾ ڌار رهيو آهي. يعني هر دور ۾ سونهن کي پنهنجي نگاھ ۽ وقت جي نزاڪتن، حالتن ۽ گھرجن پٽاندڙ ڏٺو ويو آهي. يونانين وٽ سونهن جو تصور نيڪي يا ڀلائي سان مشروط هو؛ بقول ارسطو:
“The beautiful is that good which is pleasant because it is good”
ان کان علاوه ارسطو پوئٽڪس ۾ جيڪو اڻويھ ڀيرا سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان سندس مقصد فني سونهن هو. يونان جي عظيم ڏاهپ جي دور کان پوءِ ابيقيورين جو دور اچي ٿو. جن جي ڏاهي ابيقيورس جو خيال هو ته روح به جسم وانگر مادو ئي آهي؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته روح کي ڏک ۽ خوشيءَ جو احساس نه ٿئي ها. جماليات بابت سندس خيال هو ته حسن مادي جي ان هڪجھڙائي جو نالو آهي، جيڪو اسانجي حواسن کي سٺو لڳي ٿو فنون لطيفه جو اصل ڪم اهڙي سونهن کي پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان انسان کي حظ يا تسڪين حاصل ٿئي ٿي.
ابيقيورين کان پوءِ رواقين جو دور اچي ٿو، جنهن جو مک ڏاهو زينو هو. هو افلاطون ۽ ارسطو جي خيالن سان متفق هو ۽ سونهن کي اخلاقيات ۽ نيڪي سان ڳنڍي پيش ڪندو رهيو. رواقيت جو دور فنون لطيفه جي لاءِ لاڀائتو ثابت نه ٿيو. رواقيت کان پوءِاشراقيت جو دور اچي ٿو، هن دور جو عظيم ڏاهو فلاطيونس هو. فلاطيونس مصر جو رهواسي هو، هن نه صرف افلاطون ۽ سقراط جي فلسفي مان لاڀ حاصل ڪيو، پر هن ننڍي کنڊ (هندستان ) ۽ ايران جي فلسفين جا ويچار پڻ غور هيٺ آندا. هن جو خيال هو ته تخليقي تجربي يا ڪاريگري جو واسطو مادي دنيا سان نه بلڪه روحاني ۽ ماروائي دنيا سان آهي. فلاطيونس جي خيال کي تصوف ۾ تمام گھڻي اهميت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. فلاطيونس جو خيال هو ته هي دنيا اصل ۾ هڪ پاڇو آهي، جنهن دنيا جو هي ظاهري دنيا پاڇو آهي اها اصل ۾ خدائي ذات آهي. هن جو خيال هو ته فنون لطيفه اصل ۾ هڪ اهڙي وجداني دنيا جو نقل آهي، جنهن جي ساراھ کان اسان کي انڪار نه ڪرڻ گھرجي. ائين سندس فلسفي کي تصوف جو روح پڻ مڃيو وڃي ٿو. اشراقيت جي دور کان ويندي نئين جاڳرتا جي دور تائين ٻين علمن ۽ نظرين وانگر جماليات جي لاءِ پڻ هڪ ڪارو دور هو. ريني ڊيڪارٽ کي جديد فلسفي ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت حاصل آهي. ٻين علمن سان گڏ هن جماليات تي پڻ ڪم ڪيو. اصل ۾ سندس ڪم سڌو سنئون جماليات سان واسطيدار نه هو پر جيئن ته هن موسيقي جي اهميت کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، ان ڪري کيس ماهر جماليات جي حيثيت سان پڻ ساريو وڃي ٿو.
“Rene Descartes produced treatise m music, although it contains little that would be recognized as aesthetics in the modern sense.”

Tuesday, 23 October 2018

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج ڊاڪٽر شازيه سفير (Dr.Shazia Safeer)

ڊاڪٽر شازيه سفير

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج
          هيءَ ڪائنات مخالف قوتن تي مشتمل آهي ۽ شايد ان ڪري ئي توازن ۾ آهي. ڪُل ڪائنات سان گڏ هڪ انسان جي ننڍڙي ڪائنات ۾ به اها ساڳي رنگا رنگي نظر اچي ٿي، سندس جذبن، احساسن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي نه ٿي هجي. ڪڏهن من ماڪوڙي آهي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن! جتي اميد آهي اُتي اناميد نه آهي، محبت، نفرت، ڪاميابي ناڪامي سڀ هر ماڻهوءَ جا تجربا آهن. ساڳي وقت خوشي ۽ غم يا ڏک ۽ سُک به زندگيءَ سان وابسته آهن. درد ڇا آهي؟
تجربا آهن. نفسيات جي ماهرن ان کي اڻ وڻ وڻندڙ احساس چيو آهي جيڪو جسماني به هوندو آهي ته جذباتي به بهرحال درد حقيقت آهي، ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ جو رويو هر ڪنهن جو مختلف هوندو آهي. ڪي ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن ته ڪي وري لوڪان لڪي پيا سهندا آهن. اهو ته عام ماڻهن جو درد جو مقابلو ڪرڻ جو طريقه ڪار آهي، پر دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن ۽ اديبن به ان حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن، ڪن ”سر وم دکم دکم“ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪن زندگيءَ کي سزا ڪوٺيو آهي، ته ڪن لاءِ وري ڏک سکن جي سونهن آهن، اسان جو ڀٽ ڌڻي اميد جو شاعر آهي. سندس اک خوبصورت آهي جيڪا حُسن ئي حُسن پئي پسي، سندس لاءِ راڻو ئي راڻو آهي. ريءَ راڻي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هو اسان کي درد ۾ پريشان يا مايوس ٿيڻ بدران ان جي دوا ڪرڻ سيکاري پيو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ_ د: 2)

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟ غلام رسول چانڊيو (Ghulam Rasool Chandio)

غلام رسول چانڊيو

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سمورو ڪلام سون آھي، جنھن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اھڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آھي جو جيڪڏھن ان تي عمل ڪجي ته ھوند ھي دنيا حسين بڻجي پوي، پر بدقسمتي سان اسان لطيف سائينءَ کي ”ڏکيو“ چئي جڏھن پڙھڻ کان ئي پري آھيون ته پوءِ لطيف سائين کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته ماڳھين ڏکي ڳالهھ ٿي وئي. اھڙي صورتحال جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اڄ اسان جنھن سماجي حالت تي بيٺل آھيون، اھا انتھائي شعوري ڏڪار جو شڪار آھي ۽ ظاھر آھي ته جنھن سماج ۾ شعور جو ڏڪار ھجي ته پوءِ ان سماج جا ٻيا پاسا به ابتريءَ جو ڏيک ڏيندا ۽ اھو سچ آھي ته اسان پنھنجي جُملي معنائن ۾ تنزليءَ طرف وڌي رھيا آھيون.
لطيف سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آھي، اھو مختلف ڌارائن ۾ ٿيو آھي. ظاھر آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀٽائي صاحب جو اصل سچ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ ھر ڪنھن لطيف سائين کي پنھنجي تناظر ۾ ڏٺو آھي يا وري پنھنجون طاويلون ۽ معنائون ڏئي محدود ڪرڻ يا ڪنھن خاص ڌارا ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جو پنھنجو اصل سچ ماڻھن تائين نه پھچڻ جي ڪري،  ڀٽائي صاحب عقيدن تائين محدود رھجي ويو آھي ۽ ھر ڪنھن ان کي پنھنجي مقصد لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي جو اسان وٽ تحقيق جا جديد رجحان اڃان پيدا نه ٿي سگھيا آھن ۽ ٻيو ته سماجي سائنس جي علمن ۾ اسان تحقيق جي سلسلي ۾ غيرجانبدار ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آھيون، جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي جو لطيف سائين يا ته اسان وٽ انقلابي اڳواڻ آھي يا وري ڪنھن خاص مذھبي ڌارا جو ترجمان شاعر بڻيل آھي ۽ ان صورت ۾ اسان جي سماج تمام گھڻو نه رڳي ڀوڳيو آھي، پر لطيف سائين جي سلسلي ۾ گھڻن مونجھارن جو شڪار ھوندي، ماڳھين ڀٽائي کان پري ٿيندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ سماجي سطح تي اسان ھڪ خوفناڪ شعوري ڏڪار جي ور چڙھي ويا آھيون

ڪوڙين ڪايائون ـــ ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ارشاد ڪاغذي
 ڪوڙين ڪايائون


ڪوڙين ڪايائُون تنهنجون، لِکَن لَکَ هَزار... ( شاه لطيف)
شاهه لطيف (جنم: 1102 هجري بمطابق1689ع ــ وفات: 14 صفر 1165 هجري بمطابق 1752ع) سنڌ جو سدا حيات شاعر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ترجمان ۽ ڪامل رهبر آهي. شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ جا ڏس ۽ پيار جو پيغام ڏيئي سنڌين کي اڳواٽ ئي تيار ڪيو هو ۽ سوين سال گذرڻ بعد بـ شاه جو سنيهو سچائي، سونهـ جو ساکي ۽ امين آهي. شاه لطيف پنهنجي دور ۽ سنڌي سماج کان بغاوت ڪئي، ان جو مطلب هي آهي تـ ڏاها ۽ انقلابي  پنهنجي سماج سان بغاوت ڪندا آهن ۽ مروج چالو ريتن رسمن جي خلاف باغي بنجي لوڪ کان الڳ پنهنجي واٽ اختيار ڪري سماج ۽ عوام  جي ذهن  ۾ نئون روح ۽ ساه ڦوڪي مئل، مرڻينگ ۽ ويساه وسوڙيل دل، ذهن، ضمير ۾ نئين توانائي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا رهندا آهن.
اکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عام سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وهُ اوڀارِ؛
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
لطيف سائين بـ اهڙو ڪم ۽ ڪرت ڪيو ۽ اک الٽي ڌاري سموري سنڌي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي، ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ رواجن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪمر ڪشي هڪ اهڙي واٽ ورتي جيڪا اڳ مروج ڪانـ هئي. مسڪين، پورهيت پنهوارن، ماروئڙن، جانگيئڙن ۽ سانگيڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ عوام دوست جي روپ ۾ ظاهر ۽ نروار ٿيو، نـ فقط سماج کي بدلائڻ جو گس ڏنو پر ان جي خلاف جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ توڙ تائين ويڙه ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو. اهڙيءَ ريت شاه لطيف سنڌي سماج ۾ نئون ساه وڌو. شاه لطيف املهـ ۽ بي بدل شخصيت ۽ تاريخ جو ست ۽ عرق ۽ نچوڙ آهي. اهڙن مهان ماڻهن جي ساٿ، سنگت، صحبت ۽ اڳواڻي جي ڪري انقلاب جا رستا ۽ راهون روشن ٿيو وڃن.

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ ـــــ رضوان گل (Rizwan Gul)

رضوان گل



شاهه لطيف جي ڪلام ۾
جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ

شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام مختلف علمن جو ڀنڊار آهي، ڀٽائي جي رسالي ۾ جتي ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا اتي سندس شاعريءَ مان ڪيترائي اهڙا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن جو تعلق سائنس جي مختلف علمن ۽ ان جي شاخن (Branches) سان سڌي يا اڻ سڌي ريت ضرور ملندو. هتي سائنس جي صرف هڪ شعبي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل بيتن جو ذڪر ڪجي ٿو. جيتوڻيڪ شاهه سائين ڪو سائنسي علمن جو ڄاڻو يا طالبِ علم نه هو پر ان هوندي به سندس مشاهداتي اک جو اهو ڪمال آهي جو هن ڪائنات جي اسرارن کان وٺي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ تائين ڪيترن ئي موضوعن کي بلڪل ان ئي ريت بيان ڪيو آهي جيئن انهن جو سائنسي تصور پيش ڪيل آهي. اهو محض اتفاق به نه چئبو ڇاڪاڻ ته ڀٽائي زميني خدو خال جي بيهڪ (Topographical Features) ۽ پاڻيءَ واري حصي (Hydrosphere) کان ويندي سنڌ جي جن جاگرافيائي خطن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪيو آهي سو ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا تصور جو ڪمال نه آهي پر اهو سندس ڳوڙهي مشاهدي ۽ عملي جاکوڙ جو نتيجو آهي.

ڀٽائي جي رسالي مان انيڪ بيت پڙهي اسانکي شاهه سائين جي علم جاگرافيءَ سان فطري شناسائي ۽ ويجھڙائي جو اندازو ٿي سگھندو. هن مقالي ۾ شاهه سائين جي اهڙن بيتن کي حوالي طور پيش ڪري رهيو آهيان جن ۾ مختلف جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر آهي. جن ۾ ماڳ مَڪان، مختلف جاگرافيائي مرحلا، الڳ الڳ وِٿون ۽ ڌاتو وغيره شامل آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي انهن ۽ اهڙين شين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو آهي ته ڪٿي وري انهن جاين ۽ وِٿن جو صرف نالو کنئيون آهي.

جاگرافي تمام وسيع علم آهي جنهن ۾ ڪائنات، نظامِ شمسي، گرهه، سج، چنڊ ۽ تارن کان ويندي جبلن، ميدانن، ڍنڍن، درياهن، ٻوٽن، گاهن، جانورن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ آبهوا وغيره جھڙا انيڪ موضوع اچي وڃن ٿا جن جو ذڪر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هن مقالي ۾ مثال طور صرف چند بيت ئي پيش ڪيل آهن، جن مان اسان کي اهو اندازو چڱيءَ ريت ٿي سگھندو ته ڀٽائي جاگرافي جي موضوعن بابت بنيادي ڄاڻ رکندڙ شخص به هيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته هن پنهنجي حياتي جا ڪيئي قيمتي سال سيلاني طور سير سفر ۾ گذاريا ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ کي اکين پسيو. هن مقالي ۾ مون شاهه جي ڪلام منجھان جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ علامتن کي اجسامِ فلڪي، سنڌ جي طبعي جاگرافي، ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر، درياهن ۽ واهن جو ذڪر، درياهن جي جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر، ڍنڍن جو ذڪر، ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر وارن عنوانن ۾ظاهر ڪيو آهي.

Saturday, 6 October 2018

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ ــــ فقير حاجن نظاماڻي



فقير حاجن نظاماڻي

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ



شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين ٿا ته.
ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون نه کاءِ
جي ڏمرجي ڏنگ هڻي جهاڙو ڌلي نه جاءِ
مادر تنهن مٿاءِ هڻي هٿ ڳلن کي
ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
لطيف سائين جن جانور جي جبلت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو آهي.
کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو لِڏ ۾

Friday, 5 October 2018

سُر بسنت جو فلسفو ـــ استاد لغاري Ustad Lighari

استاد لغاري

سُر بسنت جو فلسفو


”بسنت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”بهار جي موسم“ يا ”گُلابي رُت“. هي شاھ جي رسالي جو تر و تازه ۽ گل و گلزار سُر آهي، جنهن ۾ کٽڻهار کڙڻ ۽ ڳوريءَ پاران ڳهڻا پائي، سورنهن سينگار ڪرڻ جو سمو سمايل آهي. اُن کان علاوه انگورين ۽ ڪيتڪين جو ڪرھ ڪڍڻ، اوڀڙ جو اُڀرڻ، اوڌاڻ جو اُڌمڻ، باغن پاران بوند مڪڻ، ڀئونرن جو ڀنڀولجڻ، ڀئونر جو وڻن ۾ واس وٺڻ، ٽارڙين جو موڙ ٻڌي مورجڻ، پُراڻن پنن جو ڇڻي پٽ پوڻ، رسيليءَ رُت جو رسڻ، سڄڻن جو ٻانهُن ۾ ٻکجڻ، سُڪن جو سائو ٿيڻ، ڦڳڻ ماھ ڦلارجڻ، کٿوريءَ خوشبوءِ ٿيڻ، گئونچن جو گلارجڻ، لال گلن جو لالائجڻ، محبن جو مڙڻ، وڻن مٿي چهن ۽ چوٽين جو چمڪڻ جهڙا، روح کي راحت ۽ من کي معطر ڪرڻ وارا مذڪور محفوظ ٿيل آهن. هن سُر جي مکيه موضوع ۾ لکيل آهي ته ”رُتيون ته سڀيئي سهڻيون ۽ ڀليون آهن، پر بسنت جي برابر ڪا ئي رُت ڪانهي. جيڪي وڻ پاري ۽ سِيءُ صفا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي مٿان گل ڦٽي نڪتا آهن. کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي ۽ اچي ڀئونر ڀريا آهن. ”ڏتو“ چوي ٿو ته مون کي محب اچي مليا آهن، هاڻي منهنجا سمورا ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويا آهن“.
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو صحيح نالو ”بسنت“ آهي. هي سُر گھڻي عرصي کان وٺي، شاھ جي راڳ ۾ ڪو نه ٿو ڳائجي، البت ”سنڌي بسنت راڳني“ ۾، ڪي ڪافيون ڳائجن ٿيون.
”بسنت“ شاھ جي رسالي جو 36 هون نمبر ۽ آخري سُر آهي، جنهن ۾ 16 بيت، هڪ وائي ۽ هڪ داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت ”آئي رُت بسنت ڪي، کِڙيا کٽڻهار“ ۽ آخري وائي ”اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون! الله اُميدون پُڄايم ايڏيون!“ آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
آئي رُت بسنت ڪِي، کِڙيا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري! ويس ڪر، آئي بسنت بهار.

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال ـــ اعجاز ممنائي Aijaz Mamnai







اعجاز ممنائي

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال



شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي نگاهه وسيع، سندس لب و لھجو ماکيءَ کان به مٺو ۽ سندس منظر نگاري حيران ڪندڙ آھي. توڙي جو سندس شاعري روحاني راز سان سلھاڙيل آھي پر ھر ڪو ان کي پنھنجي اندر جو آواز سمجھي ٿو، اھا ئي فطرتي شاعر جي خوبي ھوندي آھي ته ھو ڪائنات جي ھر منظر ۽ ھر شيءِ تي نظر رکندڙ ھوندو آھي. ائين شاهه سائينءَ اُٺ جھڙي ڊگهي ۽ بيڊولي جانور کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻي وڏو ڪمال ڪيو آھي. اٺ جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آھن جن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي وڪونا جي ڪُل ڊيگهه ۱.۵ يعني پنج فوٽ، لاما جي ڪُل ڊيگهه ھڪ کان ۲.۱ ميٽر يعني ۳ کان ست فوٽ ٿئي ٿي، انھن جنسن کي ٿوھا ڪونه ٿا ٿين، البته باختري اُٺ کي ٻه ٿوھا ٿيندا آھن. ھن وقت ھيءُ دنيا ۾ واحد اُٺ آھي، جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوھن وارو اُٺ سڀ کان پھرين ۳۵۰۰ سال اڳ پاليو ويو ھو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آھن ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آھن. ھڪ ٿوھي وارو اُٺ ھندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ بلوچستان ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اُٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اُٺ جيڪو چوپايو جانور آھي، ھيءُ عام طور سواريءَ لاءِ ڪارائتو ھجي ٿو، خاص طور وارياسن علائقن ۾ اُٺ کي استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھنڪري کيس “خشڪيءَ جو ٻيڙو” به انکي چئبو آھي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ۲۰۰ کان ۵۰۰ تائين جا وڳ نظر ايندا. لطيف سرڪار اُٺ جي خامين ۽ خوبين کي گڏائي تمام سھڻو ۽ ڪارائتو نتيجو ڪڍيو آھي ۽ انکي سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني) کان سواءِ سُر مومل راڻو، سر مارئي، سر کنڀات ۽ سر رپ ۾ پڻ تذڪرو ڪيو آھي. ان کان به وڏو ڪمال اھو آھي ته انھن سڀني سُرن ۾ اُٺ کي مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي، جيئن اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.
شاهه سائينءَ اٺ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آھي. سُر کنڀات ۾ ان ساڳئي اُٺ کي نفس طور استعمال ڪيو آھي، جيئن مولانا روم فرمايو
نفس ڪشي باز رسي اعتذار
ڪس ترا دشمن نماند در ديار
يعني تو نفس ماريو ته گهڻن عذرن کان ڇٽي پوندين ۽ ٻيو ڪو تنھنجو دشمن نه رھندو.