ڊاڪٽر شير مهراڻي
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ
سونهن
ڪائنات جو اهو عظيم مظهرآهي، جنهن ۾ جهان جون سموريون وسعتون سمايل آهن. حسن
پنهنجي پيڪر ۽ نمونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ڪن ڏاهن حسن کي
حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حسن کي خير، نيڪي، سچائي ۽ ڀلائي سان تعبير ڪيو آهي. ڪجھ
دانشور حسن کي معروضي سمجھن ٿا ته ڪن جو خيال آهي ته حسن موضوعي آهي. ڪي وري حسن ۽
سونهن کي موضوعيت Subjectiveity ۽ معروضيت Objectivity جو حسين ميلاپ سمجهن ٿا. داخليت ۽ خارجيت ۾ حسن جي
موجودگي پڻ بحث هيٺ رهي آهي.
بحرحال
حسن جي علم يعني جماليات کي ڪا به هڪ يا گڏيل طور تي تسليم ڪيل تشريح ڏيڻ کان اڄ
تائين سڀ ڏاها قاصر آهن. ڇو ته جماليات هڪ اهڙو همه گير موضوع آهي، جنهن جون
سرحدون مقرر ڪرڻ خود جماليات جي عالمن ۽ ڏاهن لاءِ هڪ چيلينج کان گهٽ ناهي. مختصر
طور تي سونهن جي فيلسوفياڻي اڀياس کي جماليات چئي سگهجي ٿو.
سونهن
جو تصور هر دور ۾ ڌار رهيو آهي. يعني هر دور ۾ سونهن کي پنهنجي نگاھ ۽ وقت جي نزاڪتن،
حالتن ۽ گھرجن پٽاندڙ ڏٺو ويو آهي. يونانين وٽ سونهن جو تصور نيڪي يا ڀلائي سان
مشروط هو؛ بقول ارسطو:
“The beautiful is that good which is pleasant because it is
good”
ان
کان علاوه ارسطو پوئٽڪس ۾ جيڪو اڻويھ ڀيرا سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان سندس مقصد
فني سونهن هو. يونان جي عظيم ڏاهپ جي دور کان پوءِ ابيقيورين جو دور اچي ٿو. جن جي
ڏاهي ابيقيورس جو خيال هو ته روح به جسم وانگر مادو ئي آهي؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها
ته روح کي ڏک ۽ خوشيءَ جو احساس نه ٿئي ها. جماليات بابت سندس خيال هو ته حسن مادي
جي ان هڪجھڙائي جو نالو آهي، جيڪو اسانجي حواسن کي سٺو لڳي ٿو فنون لطيفه جو اصل ڪم
اهڙي سونهن کي پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان انسان کي حظ يا تسڪين حاصل ٿئي ٿي.
ابيقيورين
کان پوءِ رواقين جو دور اچي ٿو، جنهن جو مک ڏاهو زينو هو. هو افلاطون ۽ ارسطو جي
خيالن سان متفق هو ۽ سونهن کي اخلاقيات ۽ نيڪي سان ڳنڍي پيش ڪندو رهيو. رواقيت جو
دور فنون لطيفه جي لاءِ لاڀائتو ثابت نه ٿيو. رواقيت کان پوءِاشراقيت جو دور اچي ٿو،
هن دور جو عظيم ڏاهو فلاطيونس هو. فلاطيونس مصر جو رهواسي هو، هن نه صرف افلاطون ۽
سقراط جي فلسفي مان لاڀ حاصل ڪيو، پر هن ننڍي کنڊ (هندستان ) ۽ ايران جي فلسفين جا
ويچار پڻ غور هيٺ آندا. هن جو خيال هو ته تخليقي تجربي يا ڪاريگري جو واسطو مادي
دنيا سان نه بلڪه روحاني ۽ ماروائي دنيا سان آهي. فلاطيونس جي خيال کي تصوف ۾ تمام
گھڻي اهميت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. فلاطيونس جو خيال هو ته هي دنيا اصل ۾ هڪ پاڇو
آهي، جنهن دنيا جو هي ظاهري دنيا پاڇو آهي اها اصل ۾ خدائي ذات آهي. هن جو خيال هو
ته فنون لطيفه اصل ۾ هڪ اهڙي وجداني دنيا جو نقل آهي، جنهن جي ساراھ کان اسان کي
انڪار نه ڪرڻ گھرجي. ائين سندس فلسفي کي تصوف جو روح پڻ مڃيو وڃي ٿو. اشراقيت جي
دور کان ويندي نئين جاڳرتا جي دور تائين ٻين علمن ۽ نظرين وانگر جماليات جي لاءِ پڻ
هڪ ڪارو دور هو. ريني ڊيڪارٽ کي جديد فلسفي ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت حاصل آهي. ٻين
علمن سان گڏ هن جماليات تي پڻ ڪم ڪيو. اصل ۾ سندس ڪم سڌو سنئون جماليات سان
واسطيدار نه هو پر جيئن ته هن موسيقي جي اهميت کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، ان ڪري
کيس ماهر جماليات جي حيثيت سان پڻ ساريو وڃي ٿو.
“Rene Descartes produced treatise m music, although it contains
little that would be recognized as aesthetics in the modern sense.”